هنگو ۾ ڪارروائي، 7 دهشتگرد مارجي ويا، ڪئپٽن حمزه شهيد

راولپندي : هنگو واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪندي فتنة الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 دهشتگردن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪارروائيءَ دوران ڪئپٽن حمزه بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي ورتي.پاڪ فوج جي اطلاعات واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب 7 آگسٽ تي ڀارتي پراڪسي فتنة الخوارج جي دهشتگردن جي موجودگيءَ واريِ خبر تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فورسز ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي موثر نشانو بنايو. آپريشن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ وٽانئس هٿيار توڙي بارود هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب دستن جي قيادت ڪندڙ ڪئپٽن حمزه ڏوهارين جو تعاقب ڪندي شهادت حاصل ڪئي. علائقي ۾ باقي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

تبصرے بند ہیں۔