رياض: وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد مڪه مڪرمه ۾ عمرو ادا ڪيو.
عمري جي ادائيگي کان اڳ وزيراعظم، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وفد جي ٻين ميمبرن کي خانه ڪعبه جي زيارت جي سعادت به حاصل ٿي جتي انهن عبادت ڪئي ۽ روحاني لمحا گذاريا.
عمري جي ادائيگي کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير، دفاع وارو وزير خواجه آصف، وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ٻين وفد جي ميمبرن پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، عوام جي سلامتي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ خطي سميت سموري دنيا ۾ امن، استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون.
اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ويجهن لاڳاپن جي حوالي سان به اهم قرار ڏنو پيو وڃي. جتي اعليٰ سطحي قيادت مذهبي فرض جي ادائيگي سان گڏوگڏ خيروبرڪت ۽ امن جي لاءِ دعاگو رهي.
تبصرے بند ہیں۔