اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 کان 8 آگسٽ تي سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب انهي اهم دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن کان علاوه علاقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت ڪرڻ آهي.
وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به سعودي عرب جي دوري لاءِ روانو ٿيندو جنهن ۾ نائب وزيراعطم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير شامل هوندا.
دوري جي دوران وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان اهم ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفي لاڳپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا جڏهن ته گڏيل دلچسپي جا علاقائي ۽ عالمي معاملا به ايجنڊا جو حصو هوندا.
جاري ڪيل بيان موجب اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڪيترن ڏهاڪن تي ٻڌل ڀروسي، تعاون ۽ ڀائراڻه لاڳاپن جي مضبوط روايت جي عڪاسي آهي جيڪو ٻنهي ملڪن کي مسلسل اڳيان وڌائي رهيو آهي.
اهو دورو عرب خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ ٿي رهيو آهي پر انهي جي اهميت صرف موجوده حالت يا ڊگهي مدي وارن معاملن تائين محدود نه آهي. اميد آهي ته انهي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفه رابطه وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي ملندي. علاقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل رابطه ڪاري ۾ اضافو ٿيندو.
تبصرے بند ہیں۔