اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف کي ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ٿي جنهن ۾ وفاقي وزير پارلياماني معاملا ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري به شريڪ هو.
ملاقات ۾ حڪومتي اڳواڻن پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي ٻيهر دعوت ڏيندي چيو ته پارليامينٽ هائوس ۾ اوهان جي تجويز ڪيل جڳهه تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
وفاقي وزير پارلياماني معاملا طارق فضل چوڌري چيو ته ڳالهيون ئي سياسي مسئلن جو واحد حل آهن، ڳالهين جي حوالي سان بال پي ٽي آءِ جي ڪورٽ ۾ آهي.
طارق فضل چوڌري چيو ته وزيراعظم جي اپوزيشن اڳواڻن کي ڳالهين جي دعوت جو اڃان تائين جواب نه آيو آهي، اميد آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهين جي دعوت کي سنجيده وٺندي.
تبصرے بند ہیں۔