ڪراچي: وفاقي وزيرِ بحري امور جنيد انوار چوڌري ڪراچي جي بندرگاهن لاءِ ٽرانس شپمينٽ مراعاتي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.وفاقي وزيرِ بحري امور موجب ٽرانس شپمينٽ جبلن (ٻيڙين) کي پورٽ هينڊلنگ چارجز ۾ 80 سيڪڙو تائين رعايا ڏني ويندي، جڏهن ته ڪراچي پورٽ تي وارفج ۾ 20 کان 80 سيڪڙو تائين رعايا حاصل ٿيندي.هن ٻڌايو ته ڪراچي پورٽ تي 14 ڏينهن جڏهن ته ٽي پي ايڪس ايريا ۾ 30 ڏينهن تائين مفت اسٽوريج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.جنيد انوار چوڌريءَ موجب پورٽ ڪاسيم تي وارفج ۾ 100 سيڪڙو رعايا ڏني ويندي، جڏهن ته پورٽ ڪاسيم جي ٽرمينلز تي 7 ڏينهن تائين مفت اسٽوريج جي سهولت هوندي، جنهن ۾ مزید 21 ڏينهن تائين توسيع به ممڪن هوندي.وفاقي وزيرِ بحري امور وڌيڪ ٻڌايو ته ڪنٽينر ٽرمينلز ٽرمينل هينڊلنگ چارجز ۾ 25 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي.سندس اهو به چوڻ آهي ته ٽرانس شپمينٽ جي حوالي سان تمام پراڻا ايس آر اوز ۽ نوٽيفڪيشن ختم ڪيا ويا آهن.
تبصرے بند ہیں۔