روس جي حملن ۾ يوڪرين جا 14 ماڻهو فوت 22 زخمي

ڪيف: گذريل رات روس جي يوڪرين تي ڪيل تازن حملن ۾ 14 ماڻهو فوت ۽ 22 زخمي ٿيا آهن.
يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف جي ميئر ويتالي ڪلچڪو چيو آهي ته شهر جي مرڪزي علائقي تي ٿيل روسي حملن کان پوءِ خدشو آهي ته ڪجهه ماڻهو ملبي هيٺ ڦاٿل ٿي سگهن ٿا. هن ٽيليگرام تي لکيو ته زخمين مان چار ڄڻا انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهن.
ڪيف جي فوجي انتظاميه چيو، “دشمن هڪ ڀيرو ٻيهر ڄاڻي واڻي عام شهرين ۽ شهري ڍانچي کي نشانو بڻائي رهيو آهي.”
روس تازن هفتن دوران ڪيف تي پنهنجا حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته يوڪرين به روس جي شهري ڍانچي، جنهن ۾ بجلي جون سهولتون به شامل آهن، تي پنهنجا حملا وڌائي ڇڏيا آهن.
يوڪرين بار بار گودامن کي به نشانو بڻايو آهي، جن ۾ روس جي وڏي اي-ڪامرس ڪمپني Wildberries جا گودام پڻ شامل آهن. اڱاري تي صبح ماسڪو واري علائقي ۾ گودامن تي ٿيل تازن حملن ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ روسي عملدارن چيو هو ته ڏکڻ واري ڪراسنودار علائقي ۾ هڪ مصروف سمنڊ ڪناري تي ڊرون ڪرڻ سبب ست ماڻهو مارجي ويا ۽ 58 زخمي ٿيا.
ٻئي طرف، يوڪرين خيرسون ۾ سوشل ميڊيا تي سامهون آيل هڪ وڊيو تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ هڪ شخص کي ڊرون جي پٺيان ڊوڙندي ڏيکاريو ويو آهي. يوڪرين ان کي عام شهرين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ڪيل “شڪار” ۽ “سفاري” قرار ڏنو.
ٻنهي ڌرين عام شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ جي الزامن کي رد ڪيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔