حڪومت سان ملي اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ تي ڪم جاري آهي:گورنر اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي:گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ملي اسلامي نظام جي نفاذ لاءِ ڪم جاري آهي.تقريب کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ فري لانسرس کي سهولتون ڏئي پرڏيهي ناڻي (ترسيلاتِ زر) کي ٻيڻو ڪيو.جميل احمد جو چوڻ آهي ته اسلامي بينڪاريءَ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، اسٽيٽ بينڪ پنهنجي فريم ورڪ کي شريعت موجب بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.هن چيو ته قائدِ اعظم 1948ع ۾ اسٽيٽ بينڪ جي افتتاحي تقريب ۾ اسلامي مالياتي نظام ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اسلامي بينڪاري نظام جي نفاذ لاءِ حڪومت دسمبر 2027ع جي حڪمتِ عملي جوڙي آهي.گورنر اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته حڪومتي اثاثن لاءِ جامع اثاثا رجسٽر ٺاهڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسلامي بينڪاريءَ لاءِ افرادي قوت جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي.

تبصرے بند ہیں۔