ڪوريا: ڏکڻ ڪوريا ۾ هلندڙ سال سخت گرم موسم سبب هينئر تائين 16 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ڏکڻ ڪوريا جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب15 مئي کان 2 آگسٽ جي وقت دوران گڏيل طور تي 2 هزار 25 ماڻهو گرمي سبب مختلف بيمارين جو شڪار ٿيا، جن مان 16 ڄڻا فوت ٿي ويا.
گذريل هڪ هفتي جي دوران ڏکڻ ڪوريا ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد جو رڪارڊ 3 ڀيرا ٽٽي چڪو آهي. جڏهن ته آچر جي ڏينهن شهر يانگسان ۾ گرمي پد ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 42.5 ڊگري سينٽي گريڊ تي رڪارڊ ڪيو ويو.
راڄڌاني سيئول ۾ اڄ شديد هيٽ ويو وارننگ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. گرمي پد ٻيهر 40 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. شهرين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ طبي عملو 63 هزار انتهائي حساس ماڻهن جو طبي معائنو ڪري رهيو آهي جن ۾ بزرگ ۽ معذور ماڻهو به شامل آهن.
راڄڌاني ۾ گرمي جي شدت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ 200 ٽرڪن جي مدد سان تقريبن 2 هزار ڪلو ميٽر ڊگهي روڊ تي پاڻي جو ڇڙڪاءُ ڪيو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔