ابوظهبي : ابوظهبي ورلڊ جوجٽسو چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان 2 گولڊ ۽ هڪ برانز ميڊل کٽي ورتو آهي. ابوظهبي ۾ جاري ورلڊ جوجٽسو چيمپيئن شپ جي ماسٽرز ڪيٽيگري ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي ۽ پهرين ئي ايونٽ ۾ 2 گولڊ ميڊلز کٽي تاريخ رقم ڪري ڇڏي. ورلڊ جوجٽسو چيمپيئن شپ ۾ اڳوڻي ايشين چيمپيئن ابو هريره ۽ محمد عمار ماسٽرز ڪيٽيگري جي ڊيو (Duo) ۽ ڊيو شو (Duo Show) ايونٽس ۾ گولڊ ميڊلز کٽيا. ان کان علاوه محمد يوسف ۽ محمد عمر انڊر 21 ڊيو ڪيٽيگري ۾ برانز ميڊل کٽيو، ٻئي ڄڻا اڄ انڊر 21 ڊيو شو ڪيٽيگري ۾ به پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. پاڪستان جوجٽسو فيڊريشن جي چيئرمين خليل احمد خان گولڊ ۽ برانز ميڊل کٽيندڙ قومي ائٿليٽس کي مبارڪباد ڏني.
تبصرے بند ہیں۔