باڪسر فاطمه زهرا ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ڪانسي جو تمغو کٽي ورتو

گلاسگو:  پاڪستاني باڪسر فاطمه زهرا ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ڪانسي جو تمغو (برونز ميڊل) کٽي ورتو آهي، هوءَ هن ايونٽ جي تاريخ ۾ باڪسنگ ۾ تمغو حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني خاتون بڻجي وئي آهي.گلاسگو ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ باڪسنگ جي 60 ڪلو گرام ڪيٽيگري جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان جي فاطمه زهرا کي ڪينيڊين باڪسر شڪست ڏني. پهرين رائونڊ ۾ حريف باڪسر کي 1-4 جي برتري حاصل هئي، جڏهن ته ٻئي رائونڊ ۾ ريفري مقابلو روڪي ڇڏيو. ائين فاطمه زهرا ميچ ته هارائي وئي پر ايونٽ ۾ ڪانسي جو تمغو کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.2014ع کانپوءِ ڪامن ويلٿ گيمز جي باڪسنگ ايونٽ ۾ پاڪستان ڪو تمغو حاصل ڪيو آهي. ان کان علاوه فاطمه زهرا ڪامن ويلٿ گيمز جي باڪسنگ ايونٽ ۾ تمغو کٽيندڙ پهرين پاڪستاني عورت به بڻجي وئي آهي. ياد رهي ته وومينز جي 60 ڪلو گرام ڪيٽيگري جي ڪوارٽر فائنل ۾ فاطمه نيوزيلينڊ جي جارڊن ولسن کي هرايو هو.

تبصرے بند ہیں۔