پاڪستان ۾ 20 سالن بعد انٽرنيشنل هاڪي جي واپسي

اسلام آباد: پاڪستاني ميدانن تي 20 سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ انٽرنيشنل هاڪي جي شاندار واپسي ٿي آهي. ڏکڻ ڪوريا جي هاڪي ٽيم 4 ميچن جي ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ اسلام آباد پهچي وئي آهي. سيريز جي پهرين ئي ميچ ۾ پاڪستاني شاهينن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي مهمان ٽيم کي 1 جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان پاران سفيان خان 2 شاندار گول اسڪور ڪيا. سيريز جو ٻيو ميچ پهرين آگسٽ تي ٿيندو، جنهن سان ملڪ ۾ هاڪي جو شوق ٻيهر وڌي رهيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔