اسلام آباد: 18 سالن کان ننڍي عمر جي شادي واري قانون کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي لاءِ فيڊرل شريعت ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي اعتراض ختم ڪيو ويو.
فيڊرل شريعت ڪورٽ جي رجسٽرار درخواست تي اعتراض ختم ڪندي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواست مفتي محمد اسلم پنهنجي وڪيل مدثر چوڌري ايڊووڪيٽ جي حوالي سان داخل ڪئي آهي جنهن ۾ پنجاب جي گورنر کي سيڪريٽري سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پنجاب چائلڊ ميرج رسٽريشن ايڪٽ 2026 جي شق 2 ڊي ۽ 3 آئين کان تڪراري آهي. 18 سالن کان ننڍي عمر جي شادي کي ڏوهه قرار ڏيڻ شريعت جي ڀڃڪڙي آهي، رياست کي شريعت جي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه آهي.
درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته 18 سالن کان ننڍي عمر جي نڪاح جي ڀڃڪڙي تي سزا کي ڏوهه قرار ڏيڻ جو قدم غيرقانوني قرار ڏنو وڃي. عدالت پنجاب چائلڊ ميرج ريسٽرين ايڪٽ 2026 جي شق 2 سي سميت ٻين کي ڪالعدم قرار ڏئي، عدالت درخواست جي حتمي فيصلي تائين ايڪٽ تي عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏئي.
درخواست تي اهو اعتراض ڪيو ويو هو ته درخواستگذار آرڊيننس چيلينج ڪيو آهي جڏهن ته آرڊيننس هاڻ اسيمبلي مان منظور ٿي ايڪٽ بڻجي چڪو آهي. درخواستگذار درخواست ۾ ترميم ڪري ٻيهر جمع ڪرائي.
تبصرے بند ہیں۔