اسلام آباد: پيٽروليم شعبي جي مرحليوار ڊي ريگوليشن جي تحت ڊيزل سستو ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو ڪريڪ اسپريڊ 70 کان گهٽ ڪري 35 کان 40 ڊالر في بيرل ڪرڻ جي تجويز آهي، پهرين مرحلي ۾ پيٽرول ڊي ريگوليٽ، پوءِ ٻين پيٽروليم شيم کي انهي نظام ۾ شامل ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف اصلاحات جي تحت پيٽروليم ڊپو پوائنٽس 22 کان گهٽ ڪري 11 ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.
حڪومت جي پيٽروليم پرائسنگ ڪميٽي ايندڙ ٻن هفتن ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي پيٽروليم شعبي جي مرحليوار ڊي ريگوليشن جون سفارشنون پيش ڪرڻ واري آهي جنهن جي تحت صارفين کي فوري رليف ڏيڻ جي لاءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل(ايڇ ايس ڊي) جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي جو امڪان آهي.
انهي مقصد جي لاءِ ڊيزل جي عالمي ڪريڪ اسپريڊ ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئي طرف پيٽرول جي قيمتن کي لاڳيتو حڪومتي ڪنٽرول کان آزاد ڪيو ويندو.
ڪميٽي جي خميس واري اجلاس کان آگاهه اختيارين موجب حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ڪريڪ اسپريڊ کي موجوده تقريبن 70 ڊالر في بيرل کان گهٽ ڪري 35 کان 40 ڊالر في بيرل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. انهي قدم سان مقامي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. جڏهن ته مقامي ريفائنرين جي مالي استعداد به برقرار رهندو. هڪ عهديدار چيو ته ايندڙ خميس تائين ڪميٽي پيٽروليم شين جي ڊي ريگوليشن ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي بابت سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏيندي.
تبصرے بند ہیں۔