راولپنڊي : ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ مجموعي طور تي 40 هزارن کان وڌيڪ انٽيليجنس تي ٻڌل (خفيه معلومات وارن) آپريشن ڪيا ويا آهن. دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي جي معاملن تي پريس بريفنگ ڏيندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻڌايو ته بلوچستان ۾ هينئر تائين 31 هزار انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪي پي (خيبر پختونخوا) ۾ 7177 آپريشن ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته هن سال هينئر تائين 819 ماڻهو دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿي چڪا آهن. دهشتگردي جي خلاف وڙهندي آرمي جا 303 جوان شهيد ٿيا، جڏهن ته 322 شهري به دهشتگرد ڪاررواين ۾ شهيد ٿيا.
تبصرے بند ہیں۔