ڪراچي ۾ ساڍا 8 اربن جا ميگا پراجيڪٽس ايف ڊبليو او حوالي

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي شهر جي ترقي ۽ ٽريفڪ بحران جي خاتمي لاءِ ساڍا 8 ارب رپين جا 4 وڏا ميگا پراجيڪٽس فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جن مان 3 منصوبن تي ايندڙ مهيني آگسٽ ۾ عملي طور ڪم شروع ڪيو ويندو. بلديا کاتي موجب ايم نائن سپرهائي وي تي ناردرن بائيپاس ويجهو جناح ايفنيو ملير ڪينٽ روڊ کي ڳنڍڻ لاءِ 2 ارب 30 ڪروڙن جي لاگت سان نئون انٽرچينج (فلائي اوور) ٺاهيو ويندو، جنهن لاءِ نيشنل هائي وي اٿارٽي (NHA) کان اين او سي گهري وئي آهي. ان منصوبي سان سهراب ڳوٺ، سبزي منڊي ۽ حيدرآباد ويندڙ ٽريفڪ کي ڊگهن يوٽرنز کان نجات ملندي.ٻئي اهم منصوبي تحت ايم نائن تي الآصف اسڪوائر آڏو ابوالحسن اصفهاني روڊ کي ملائڻ لاءِ 2 ارب 10 ڪروڙن جي لاگت سان انٽرسيڪشن فلائي اوور اڏيو ويندو، جنهن جو ڪم پڻ آگسٽ ۾ شروع ٿيندو. ان کان علاوه ڪراچي جي ساحلي علائقي هاڪس بي روڊ جي ٻن حصن (وائي جنڪشن کان مڇلي چوک ۽ ڪاڪا پير روڊ) تي 4 ارب 16 ڪروڙ 20 لکن جي لاگت سان نئون روڊ تعمير ڪيو ويندو، جڏهن ته چوٿين منصوبي تحت ملير هالت انڊرپاس تي به جلد ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔