اليڪشن ڪميشن 4 سياسي پارٽين جي رجسٽريشن ختم ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن 4 سياسي پارٽين جي رجسٽريشن ختم ڪندي انهي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.

رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو سياسي پارٽين جي خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي. انهي دوران اي سي پي 4 وڌيڪ سياسي پارٽين کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيل فيصلي جي تفصيلن موجب سياسي پارٽين کي مختلف سببن جي آڌار تي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي. چئني سياسي پارٽين جي رجسٽريشن ختم ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا آهن.

اي سي پي طرفان جن سياسي پارٽين کي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي انهن ۾ ٽيڪنالوجي موومينٽ پاڪستان، عوامي جمهوري  پارٽي پاڪستان، هم عوام پاڪستان پارٽي ۽ پاڪستان ريفارم پارٽي شامل آهن.

انهي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اهڙين سياسي پارٽين کي انٽرا پارٽي چونڊون، ساليانه گوشوارا ۽ ٻيون گهرجون پوريون نه ڪرڻ تي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي. اهڙين 4 سياسي پارٽين جي رجسٽريشن ملتوي ڪرڻ کان پوءِ سياسي پارٽين جي تازي فهرست جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب اليڪشن ڪميشن ۾ درج سياسي پارٽين جو تعداد گهٽ ٿي 164 ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ ۽ ٽي ايل پي بنا ڪنهن تنظيم جي فهرست ۾ موجود آهن. اليڪشن ڪميشن انهي کان اڳ پاڪ سرزمين پارٽي، استحڪام پاڪستان تحريڪ کي ڊي لسٽ ڪري چڪو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جسٽس اينڊ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي سميت 8 کان وڌيڪ سياسي پارٽين کي به ڊي لسٽ ڪيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔