پاڪستاني ٽيم 282 رنسن تي ڍير، ميزبان ٽيم کي 29 رنسن جي برتري حاصل

برائون لارا اڪيڊمي : ويسٽ انڊيز خلاف کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستاني بيٽنگ لائن ميزبان بالر جسٽن گريوز جي شاندار ۽ تيز بالنگ اڳيان ريت جي ديوار ثابت ٿي وئي. پاڪستان جي پوري ٽيم پهرين اننگز ۾ 282 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ويسٽ انڊيز کي پهرين اننگز ۾ 29 رنسن جي اهم برتري ملي وئي آهي.تفصيل موجب، پاڪستان اڄ راند جي ٽئين ڏينهن پنهنجي ٻئي ڏينهن واري اسڪور 199 رنسون 3 رانديگر آئوٽ تان اننگز جي شروعات ڪئي. ڪپتان شان مسعود ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيسٽ ڪيئرير جي ستين ۽ ويسٽ انڊيز خلاف پهرين شاندار سنچري اسڪور ڪئي. هو 109 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد سلمان علي آغا پڻ 20 رنسون ڪري بولڊ ٿي ويو. 4 وکٽون ڪرن کانپوءِ پاڪستان جو ڪو به بيٽسمين ويسٽ انڊيز جي بالرن جو مقابلو ڪري نه سگهيو. ميزبان بالر جسٽن گريوز تباهي مچائيندي عامر جمال (3 رنسون)، ڊيبيو ڪندڙ علي عثمان (ٻُڙي) ۽ محمد رضوان (12 رنسون) کي ٻينو بڻائي پاڪستاني مڊل آرڊر کي تباهه ڪري ڇڏيو. محمد عباس کي ٻُڙي تي آئوٽ ڪري جسٽن گريوز پنهنجي ڪيئرير ۾ پهريون ڀيرو 5 وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پڇاڙي جي بيٽسمين خرم شهزاد 19 رنسون ٺاهي ڪجهه مزاحمت ڪئي پر ڪيمار روچ کيس آئوٽ ڪري پاڪستاني اننگز جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ويسٽ انڊيز طرفان جسٽن گريوز 5، ڪيمار روچ ۽ شمار جوزف 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

تبصرے بند ہیں۔