ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين تيز برسات جو امڪان

ڪراچي: صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) سنڌ 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين برساتن ۽ ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب  موسميات کاتي سنڌ ۾ کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جنهن جي تحت، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

انهي کان علاوه ٺٽو، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، شهيد بينظير آباد ۾ برسات جو الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔