ڪراچي: پريا ڪماري ۽ اجالا سولنگي سميت سنڌ مان گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ماڻهن جوسمنڊ اٿلي پيو،سنڌن جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،ٻٻرلوءِ ۾ لٺبازي ۽ گرفتارين خلاف شهدادڪوٽ ۾ سياسي سماجي ڌرين جو ڌرڻو هنيو ويو،جنهن ۾ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٻٻرلوءِ ۾گرفتارين خلاف ڪنڊيارو ۾ ڌرڻو هڻندڙن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ حمزه چانڊيو، گلشير اڄڻ، شڪيل گهانگهرو، عبدالجبار مڱريو امين گهانگهرو ۽ ٻيا ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو،هوڏانهن خيرپور ٻٻرلوءِ مان گرفتاري خلاف وڪيلن جي سيشن ڪورٽ کان ايس ايس پي آفيس تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،هوڏانهن ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته ٻٻرلوءِ مان گرفتار ٿيلن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪڏهن حق گهرڻ دهشتگردي آهي ته اسان سڀ دهشتگرد آهيون، ٻٻرلوءِ مان گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري مٿن داخل ڪيس ختم ڪيو، فل ڪورٽ ريفرنس ۾ مان ججن آڏو چيو هو ته آءِ جي سنڌ جو پرياڪماري بابت بيان غيرذميواراڻو آهي،فل ڪورٽ ريفرنس ۾ چيف جسٽس آڏو ٻارن جي اغوا وارو معاملو اٿاريو آهي، سنڌ هائيڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر سرفراز ميتلو چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙن جي حمايت ڪئي هئي، ٻٻرلوءِ مان گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻٻرلوءِ مان گرفتاريون غيرقانوني قرار، سڀني کي آزاد ڪري پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو …جسقم پاران پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۽ ٻٻرلوءِ واقعي خلاف احتجاجي ريلي، پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو،تفصيل موجب جسقم شهيد بشير خان قريشي جي سڏ تي هنڱورجا ۾ پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي، ٻٻرلوءِ ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاجي ڌرڻي تي مبينا پوليس تشدد ۽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جي گرفتارين خلاف جسقم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پنجهٽي چوڪ کان شروع ٿي شهر جي مختلف رستن تان گذرندي پريس ڪلب هنڱورجا آڏو پهتي، جتي ڪارڪنن ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ريلي ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مجيب آزاد ڀيلار، ڪرم خان سامٽيو ۽ قلب عباس سولنگي ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ جسقم ڪارڪنن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارن جي بازيابي، گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ مبينا پوليس تشدد خلاف نعرا درج هئا.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ پريا ڪماري سميت 25 گم ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران پرامن احتجاجي ڌرڻو جاري هو، جنهن تي پوليس مبينا طور لٺبازي ڪري سهڻي پارس، پنهل ساريو، لياقت جلباڻي ۽ ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو، جيڪو جمهوريت، انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي تي کليل حملو آهي. هنن چيو ته پرامن احتجاج هر شهري جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، جنهن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ آواز اٿاريندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، پر عوام ۾ بيچيني وڌيڪ وڌندي. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن حڪومت، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل سمورن ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي، مٿن داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن، پريا ڪماري سميت سمورن گم ٿيل ٻارن کي جلد کان جلد بازياب ڪري سندن وارثن حوالي ڪيو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي سنڌ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو، جنهن جي سموري ذميواري حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي عائد ٿيندي.
تبصرے بند ہیں۔