عطا الله خان پاران پنهنجي قبر اڳواٽ تيار ڪرائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد : پاڪستان جي نامياري ۽ ليجنڊري ڳائڻي عطا الله خان عيسيٰ خيلوي تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ پنهنجي آخرت جي تياري ۽ قبر بابت ڳالهائي سوشل ميڊيا تي هڪ نئين بحث ڇيڙي ڇڏي آهي. عطا الله خان عيسيٰ خيلوي پوڊڪاسٽ ۾ ٻڌايو ته “مون پنهنجي قبر اڳواٽ ئي تيار ڪرائي ورتي آهي.” هن چيو ته “مون آخرت جي تياري ڪري ورتي آهي، منهنجي قبر عيسيٰ خيل ۾ تيار آهي، جيڪڏهن توهان منهنجي زندگي ۾ ايندؤ ته مان توهان کي ڏيکاريندس، نه ته بعد ۾ پاڻ ئي ڏسي وٺندؤ. اسان جو خانداني قبرستان آهي ۽ مون اتي پنهنجي لاءِ هڪ قبر مخصوص ڪرائي رکي آهي. ان سان گڏ ڪجهه وڌيڪ جڳهه به آهي، جيڪا منهنجي گهر واري لاءِ آهي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه مون مذاق ۾ چئي هئي، اصل ۾ صرف پنهنجي قبر تيار ڪرائي اٿم، الله تعاليٰ اسان سڀني تي رحم فرمائي.” عطا الله خان عيسيٰ خيلوي وڌيڪ ٻڌايو ته فارم هائوس ۽ مسجد تعمير ڪرائڻ کانپوءِ منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته منهنجي آخري آرامگاهه به اتي ئي هجڻ گهرجي. ڳائڻي جو چوڻ هو ته امڙ، عزيزن ۽ ويجهن دوستن جي لاڏاڻي مون کي زندگي ۽ موت بابت وڌيڪ سوچڻ تي مجبور ڪيو، هاڻي مان صرف اها دعا ڪندو آهيان ته الله پاڪ مون کي پرسکون موت عطا فرمائي. عطا الله خان عيسيٰ خيلوي جي هن بيان تي سوشل ميڊيا واپرائيندڙن پاران مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔