اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ملڪ جي لاءِ سڀني کان وڏو چيلينج بڻيل آهي.
ملڪ ۾ بهبود آبادي جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي وڌندڙ آبادي، بهبود آبادي ۽ نيشنل پاپوليشن ڪونسل جي اجلاس جي تيارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل پاپوليشن ڪونسل جو اجلاس جلد گهرايو ويندو جنهن ۾ سمورن صوبن، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، آزاد جمون، ڪشمير جي وزيراعظم ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل ادارن جا نمائندا، اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪندا ته جيئن بهبود آبادي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ترتيب ڏئي سگهجي.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته نيشنل پاپوليشن ڪونسل سيڪريٽريٽ جي آپريٽنگ طريقيڪار کي تيار ڪيو ويو آهي. نيشنل سٽيبلائزيشن پلان 2026-2035 تيار ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ آبادي وڌڻ جي رفتار کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان قومي فريم ورڪ پيش ڪيو ويندو. انهي پلان جي تحت پاپوليشن گروٿ ريٽ کي موجوده 2.55 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2035 تائين 1.25 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جو حدف رکيو پيو وڃي.
بريفنگ موجب پاپوليشن سٽيبلائزيشن جي نئين فريم ورڪ جي تحت صحت، تعليم، نوجوان آبادي، ليبر فورس ۾ عورتن جي تعداد ۾ اضافي، پيشوارانه تربيت ۽ سماجي تحفظ تي ڌيان ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت جي سماجي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن کي بهبود آبادي سان جوڙڻ جي حوالي سان ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ملڪ جي لاءِ سڀني کان وڏو چيلينج آهي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ سان گڏوگڏ بهبود آبادي کي قومي فرض سمجهڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته آبادي ۾ توازن سان ئي پائيدار قومي ترقي جي ضمانت آهي. آبادي جي منصوبه بندي کي قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ انساني وسيلن جي بهتري سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهبود آبادي جي قدمن جي حوالي سان صوبن سان رابطه ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر بنايو وڃي.
وزيراعظم چيو ته وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي موثر عوامي آگاهي مهم جو اهم ڪردار آهي. انهي موقعي تي وزيراعظم نيشنل پاپوليشن ڪونسل جو اجلاس جلد کان جلد گهرائڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال، وفاقي وزير اقتصادي معاملا احد خان چيمه، وفاقي وزير قومي صحت سيد مصطفيٰ ڪمال، وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔