ڪراچي ۾ ٽماٽن جي قيمت 500 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي

ڪراچي: ايراني ٽماٽن جي فراهمي (ترسيل) جي باوجود عوام کي ڪو به ريليف ملي نه سگهيو آهي. ڪراچي ۾ ٽماٽن جي قيمت وڌيڪ وڌي 450 کان 500 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، هن وقت ڪيترائي واپاري ايراني ۽ ڪوئٽا جا ٽماٽا 450 کان 500 رپيا في ڪلو يا 110 کان 125 رپيا في پاءُ جي حساب سان وڪڻي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه واپاري ننڍي سائيز جا ۽ ڪچا ٽماٽا 400 رپيا في ڪلو جي حساب سان فروخت ڪري رهيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔