معرڪه حق جي باري ۾ عمران خان جي ڀيڻ جي بيان بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي وضاحت

اسلام آباد:  پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته معرڪه حق جي باري ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي جو بيان پارٽي پاليسي نه آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر خان چيو ته منهنجي اطلاع موجب نورين نيازي جو انٽرويو 3 مهينا پراڻو آهي، ڪوبه تڪراري بيان مين اسٽريم ميڊيا تي نه اچڻ گهرجي.

بيرسٽر گوهر چيو ته نورين نيازي جو بيان انهي جي ذاتي خيالات آهي اها پارٽي پاليسي نه آهي، معرڪه حق جي فتح پاڪستان تي الله جو ڪرم آهي.

هن چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جو مظاهرو پوري دنيا ڏٺو آهي، هر پاڪستاني کي معرڪه حق ۾ ڪاميابي تي ناز آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔