لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ 10 نون ججن جي مقرري جي منظوري

لاهور:  پاڪستان جي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ 10 نون ججن جي تقرري جي منظوري ڏني وئي.پاڪستان جي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سيد فرهاد علي شاهه، امجد پرويز، اسد باجوه، غلام سرور نهنگ، شيرين عمران، عثمان غني راشد چيمه، منور دوگل، امير عجم ملڪ، خالد ابن عزيز ۽ اجمل خان کي ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي مستقل ڪرڻ ۽ 10 ايڊيشنل ججن جي تعيناتين تي غور ڪيو ويو، مجموعي طور تي 10 سيٽن لاءِ 24 اميدوار ميدان ۾ هئا. جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي تقرري جو معاملو به زيرِ غور آهي، جنهن ۾ 20 اميدوارن جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔