ٽڪ ٽاڪر ليڊيز اهلڪار سان هڪ طرفي عاشقي همراهه جي نوڪري چٽ ڪرائي ڇڏي

ڄامشورو: ٽڪ ٽاڪر ليڊيز اهلڪار سان هڪ طرفي عاشقي همراهه جي نوڪري چٽ ڪرائي ڇڏي آهي، گهوٽڪي پوليس ۾ ليڊيز پوليس اهلڪار طور فرض سرانجام ڏيندڙ ڪرن شيخ سان هڪ طرفو پيار ڪندڙ گهوٽڪي جي ڊي ايس پي جي ريڊر شاهنواز ڀنڀرو کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ضلعي گهوٽڪي جي اهلڪار شاهنواز ڀنڀرو خلاف ميرپور ماٿيلو ٿاڻي جي ليڊي اهلڪار ڪرن شيخ درخواست ڏني هئي. درخواست ۾ چيو ويو ته شاهنواز ڀنڀرو کيس موبائيل ذريعي هيسائڻ سان گڏ بليڪ ميل ڪري رهيو آهي. شڪايت ڪندڙ وٽ ان سلسلي ۾ آڊيو رڪارڊنگ به موجود هئي، معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي آڏو شاهنواز ڀنڀرو الزام قبول ڪندي اعتراف ڪيو ته هن ليڊي ڪانسٽيبل ڪرن شيخ کي هراسان ڪيو آهي. جڏهن ته شڪايت ڪندڙ کيس معاف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي محمد انور کيتران آرڊر ۾ لکيو آهي ته هڪ پوليس اهلڪار کان اهڙي غير اخلاقي رويي جي بلڪل به اميد نه ڪئي ويندي آهي، عورتن جي عزت ۽ تحفظ ڪرڻ پوليس جي بنيادي ذميواري آهي، هن جي اهڙي عمل سان سموري پوليس کاتي جي ساک متاثر ٿي آهي. انڪوائري رپورٽ ۽ ثبوتن جي روشني ۾ ايس ايس پي شاهنواز ڀنڀرو کي الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏئي کيس نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو.

 

تبصرے بند ہیں۔