ايران تي آمريڪا جا ڏهين ڏينهن به فضائي حملا جاري، سينٽڪام نئين ڪارروائي جي تصديق ڪري ڇڏي

واشنگٽن:  آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ(سينٽڪام) موجب آمريڪي فوج ڏهين ڏينهن به ايران ۾ نون حملن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن جو مقصد ايران جي عسڪري صلاحيتن کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.

ايراني ميڊيا موجب قشم ٻيٽ،  بندر عباس، چابهار، ڪنارڪ ۽ اصفهان ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن پر ايراني اختيارين طرفان فوري طور تي حملن جي نقصانن يا فوتگين جا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.

ٻئي طرف آمريڪي اخبار رپورٽ ڪيو آهي ته اردن ۾ مقرر آمريڪي فوجين تي حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿيا جڏهن ته هڪ هيليڪاپٽر به متاثر ٿيو. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پينٽاگون درجنين زخمي فوجين جا مڪمل طور تي تفصيل ظاهر ناهن ڪيا.

هوڏانهن آمريڪي دفاع واري وزارت(پينٽاگون)  اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته آپريشنل سيڪيورٽي سبب سموري ڄاڻ فوري طور تي عوام جي سامهون ناهي آندي ويندي. پينٽاگون جي رپورٽ موجب ايران بابت جنگي ڪارروائين ۾ هينئر تائين 427 آمريڪي فوجي زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪارروائين کان پوءِ 17 آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي.

رپورٽن موجب جنگ جي دوران هينئر تائين 1700 کان وڌيڪ ايراني شهري به مارجي ويا آهن. هوڏانهن آمريڪي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اڄ رات جي حملن کان پوءِ خطو هڪ دفعو ٻيهر جنگ جي طرف وڌندي نظر اچي رهيو آهي. علاقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڪويت ۾ خطري جا سائرن وڄايا ويا، جڏهن ته فضائي دفاعي نظام کي پڻ فعال ڪيو ويو آهي. ڪويتي فوج موجب ايراني ميزائلن ۽ ڊرونز کي فضا ئي ۾ نشانو بنايو پيو وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔