ٻن آمريڪي فوجين جي بدلي ۾ پاسدارن انقلاب تي حملا، جنگ ڦهلجڻ جو خدشو

واشنگٽن : آمريڪي فوج اعلان ڪيو آهي ته هن ايران جي خلاف حملن جو تازو مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي. آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، انهن حملن ۾ ايراني فوج جي ساحلي نگراني جي تنصيبات، فضائي دفاعي نظام، بحري صلاحيتن ۽ ميزائل و ڊرون ذخيرو ڪرڻ واريون جايون ۽ تعمير هيٺ ايٽمي سائيٽ کي نشانو بڻايو ويو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي فوج پاسداران انقلاب جي انهن فورسز کي به نشانو بڻايو، جن تي الزام آهي ته هنن جمعي جي ڏينهن اردن ۾ آمريڪي فوجين تي حملا ڪيا هئا، جنهن ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا ۽ هڪ لاپتا آهن، جنهن بعد ايران جنگ جي ابتدا کان آمريڪي فوجين جي مرڻ جو انگ 16 ٿي ويو آهي. “الجزيره موجب ڪيترين ئي پلن کي نشانو بڻايو ويو آهي، ان کان علاوه ريلوي لائينون، سرنگهون، هوائي اڏا ۽ روڊ پڻ متاثر ٿيا آهن. شهري ڍانچي جي تباهي ماڻهن، سامان ۽ لاجسٽڪ فراهمين جي اچ وڃ کي وڏي حد تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.” تهران ۾ موجود رپورٽر موجب اسپتالن کي خالي ڪرايو ويو، جڏهن ته اسڪولن ۾ ٿيندڙ امتحان پڻ ملتوي ڪيا ويا آهن ۽ لڳي رهيو آهي ته ڏکڻ ايران کي آمريڪا باقي ايران کان ڪٽڻ چاهي ٿو.

اردن ۾ آمريڪي اڏن تي ايراني حملن ۾ 2 فوجي ماريا ويا ۽ درجنن زخمي ٿيا، ڪيترن ئي هيلي ڪاپٽرن کي نقصان پهتو: آمريڪي اخبار

آمريڪي اختيارين موجب ايران گذريل 5 ڏينهن دوران اردن ۾ آمريڪي فوجن تي 4 وڏا حملا ڪيا آهن، جن ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ درجنن زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي هيلي ڪاپٽرن کي پڻ نقصان پهتو آهي. آمريڪي اخبار ‘نيويارڪ ٽائمز’ آمريڪي اختيارين جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته اهي مسلسل حملا ان ڳالهه جو اشارو آهن ته ايراني فوج وٽ نه صرف ميزائلن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، پر آمريڪي فضائي دفاعي نظام کي چڪمو ڏيڻ جي سندن صلاحيت ۾ به اضافو ٿي چڪو آهي. آمريڪي اختيارين موجب، گذريل 5 ڏينهن دوران سڀ کان پهرين ايراني حملي ۾ ‘ڪنگ فيصل ائير بيس’ ۾ واقع رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا. ٻئي حملي ۾ اڀرندي (مشرقي) اردن جي هڪ اڏي کي نشانو بڻايو ويو جتي آمريڪي بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر موجود هئا، ان حملي ۾ ڪيترن ئي هيلي ڪاپٽرن کي سخت نقصان پهتو. ان کانپوءِ ايراني ميزائلن ‘موافق السلط ائير بيس (ازرق)’ کي نشانو بڻايو، جتي بنڪرن ۾ پناهه وٺندڙ تقريبن 20 آمريڪي فوجي زخمي ٿي پيا، پر ان حملي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو. جمعي واري ڏينهن ان ئي اڏي تي ٻيهر حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ 4 ٻيا زخمي ٿيا. اختيارين موجب ڪجهه اهلڪارن کي معمولي ڌڪ رسيا هئا، جن کي طبي معائني کانپوءِ ٻيهر ڊيوٽي تي موڪليو ويو. گذريل ڏينهن آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اردن ۾ ايران جي بيلسٽڪ ميزائل حملن ۾ پنهنجن 2 فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ جو اعتراف ڪيو هو. سينٽڪام پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 17 جولاءِ تي اردن ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ۽ ان جا اتحادي دستا ايراني بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرون حملن خلاف دفاع ڪري رهيا هئا ته ان دوران 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ آمريڪي فوجي اڃا تائين گم آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ ايراني پاسداران انقلاب اردن ۾ آمريڪا جي ‘الازرق ائير بيس’ کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو. پاسداران انقلاب جو چوڻ هو ته اردن ۾ الازرق ائير بيس کي ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ اڏي تي موجود 2 فائٽر جيٽس ۽ 3 آمريڪي جهاز تباهه ٿيا. حملي ۾ فائٽر جيٽ شيلٽرز ۽ پارکنگ ريمپ کي به نشانو بڻايو ويو.

تبصرے بند ہیں۔