اسپين فٽبال ڪپ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو، ارجنٽينا کي شڪست

نيويارڪ: فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ اسپين دفاعي چيمپئن ارجنٽائن کي 0-1 تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.نيويارڪ جي نيوجرسي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ فائنل ۾ اسپين شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ارجنٽائن خلاف هڪ پٺيان ٻيا حملا ڪيا.ارجنتائن ۽ اسپين جي وچ ۾ فائنل جو ٻيون هاف به بنا ڪنهن گول جي ختم ٿيو، فائنل کي فيصلا ڪن بڻائڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ جو اضافي وقت ڏنو ويو هو.اسپين پاران فيصلا ڪن گول ٽوريس راند جي اضافي وقت جي ٻئي هاف ۾ ڪيو.۽ ائين اسپين جي ٽيم 16 سالن کانپوءِ ٻيو ڀيرو ورلڊ ڪپ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو……………ياد رهي ته ان کان اڳ فائنل کٽڻ بابت اڳڪٿين جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي. يورپ جي موجوده چيمپيئن اسپين پنهنجي تاريخ جو ٻيون ورلڊ ڪپ ٽائيٽل کٽڻ جي ڪوشش ۾ آهي، جيڪو سندس 2010ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ حاصل ڪيل پهرئين عالمي لقب کان 16 سال پوءِ هوندو. پر سندس رستي ۾ موجوده عالمي چيمپيئن ارجنٽينا بيٺل آهي، جيڪو لڳاتار ٻيون ورلڊ ڪپ کٽي اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندڙ دنيا جو رڳو ٽيون ملڪ بڻجڻ چاهي ٿو. فٽبال انگن اکرن جي مشهور اداري Opta جي اڳڪٿي موجب اسپين 2026ع جو ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ فيورٽ آهي، ۽ نيو جرسي ۾ ٽرافي کٽڻ جا ان جا امڪان 59.56 سيڪڙو آهن. ڪيترن ئي اڳوڻن رانديگرن ۽ فٽبال ماهرن پڻ اسپين کي پسنديده ٽيم قرار ڏنو آهي. اڳوڻي انگلينڊي اسٽرائيڪر مائيڪل اوون چيو ته دنيا جي ٻئي نمبر واري ٽيم اسپين هن ٽورنامينٽ جي “حقدار” فاتح آهي. هن دي اسٽرئٽس ٽائيمز سان ڳالهائيندي چيو: “اسپين وٽ شايد انفرادي طور تي دنيا جا سڀ کان وڏا اسٽار نه هجن، منهنجي خيال ۾ فرانس وٽ وڌيڪ وڏا نالا آهن، پر ٽيم طور اسپين ۾ اهي سڀ خوبيون آهن، جيڪي انگلينڊ ۾ ناهن. هو بال سان بيحد بهادر ۽ پراعتماد راند ڪن ٿا.” اوون وڌيڪ چيو: “اسپين هڪ شاندار ٽيم آهي، جيڪا اعتماد سان پاسنگ ڪري ٿي ۽ گڏيل انداز ۾ انتهائي خوبصورت فٽبال کيڏي ٿي.” اڳوڻي بارسلونا ۽ مانچسٽر يونائيٽيڊ اسٽرائيڪر زلاتان ابراهيمووچ، جيڪو سويڊن جي نمائندگي ڪندي ٻه ورلڊ ڪپ کيڏي چڪو آهي، سمجهي ٿو ته اسپين فائنل تي حاوي رهندو، جيڪو يورو 2024 کٽڻ کان ٻه سال پوءِ کيڏيو پيو وڃي. هاڻي آمريڪي ٽي وي چينل Fox Sports تي مبصر طور ڪم ڪندڙ زلاتان چيو: “اسپين سيمي فائنل ۾ فرانس کي تمام سٺي نموني شڪست ڏني. منهنجو خيال آهي ته هو ارجنٽينا کي به سنڀالي وٺندا.” هن وڌيڪ چيو: “ارجنٽينا ڪا خالص ڪائونٽر اٽيڪ ڪندڙ ٽيم ناهي. اسپين پنهنجي انداز سان کيڏندو، گڏيل راند ڪندو، ۽ منهنجو يقين آهي ته هو هن ميچ تي حاوي رهندو.” اڳوڻي انگلينڊي ڪپتان جان ٽيري به اسپين کي فيورٽ قرار ڏنو. هن Sports Uncensored پروگرام ۾ چيو ته لوئس ڊي لا فوئنٽي جي ٽيم ارجنٽينا لاءِ “تمام گهڻي مضبوط” آهي. 2010ع ۾ اسپين کي پهريون ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ڪپتان ۽ اڳوڻي گول ڪيپر آئڪر ڪاسياس به پنهنجي ٽيم تي مڪمل اعتماد ظاهر ڪيو. هن سوشل ميڊيا تي اسپين جي بيج جي مٿان ٻئي اسٽار جي اڌ سلهاڙيل تصوير شيئر ڪئي، جنهن مان سندس اميد ظاهر ٿي ته اسپين ٻيو عالمي لقب به کٽيندو. واضح رهي ته قومي ٽيم جي بيج تي هر اسٽار هڪ ورلڊ ڪپ ٽائيٽل جي علامت هوندو آهي. جيتوڻيڪ گهڻيون اڳڪٿيون اسپين جي حق ۾ آهن، پر ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته ارجنٽينا وٽ به ڪاميابي جو موقعو موجود آهي، ڀلي اهو محدود ڇو نه هجي. انگلينڊ جي تاريخ جي عظيم اسٽرائيڪرن مان هڪ ايلن شيرر The Rest is Football پوڊڪاسٽ ۾ موجوده چيمپيئن ارجنٽينا جي حمايت ڪندي چيو “جيڪڏهن ڪا هڪ ٽيم اسپين کي روڪي سگهي ٿي ته اها ارجنٽينا آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ سندن ذهني طاقت ۽ گڏيل اتحاد غيرمعمولي آهي.” هن وڌيڪ چيو: “هو ڪيترائي ڀيرا ڏکين حالتن ۾ ڦاٿا آهن، پر هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ميچ کٽي ويا آهن. اها ڳالهه سندن سڀ کان وڏي خوبي آهي.” شيرر وڌيڪ چيو: “۽ جڏهن توهان جي ٽيم ۾ ميسي جهڙو تجربيڪار موجود هجي ته پوءِ توهان وٽ هميشه کٽڻ جو موقعو هوندو.” پر سوال اهو آهي ته ارجنٽينا فيورٽ اسپين کي ڪيئن شڪست ڏئي سگهي ٿو؟انگلينڊ جي فٽبال مبصر مائيڪا رچرڊز جو خيال آهي ته ان جو جواب لو بلاڪ ٽرانزيشن واري حڪمت عملي ۾ لڪل آهي، جنهن ۾ ٽيم پهرين دفاعي انداز اختيار ڪري مخالف کي اڳتي اچڻ ڏئي ٿي، پوءِ بال حاصل ڪندي ئي تيز ڪائونٽر اٽيڪ شروع ڪري ٿي. هن چيو: “بال ميسي تائين پهچايو وڃي، جڏهن ته جولين الواريز يا لاوتارو مارٽينيز مخالف دفاع لاءِ زندگي ڏکي بڻائين، بلڪل ائين جيئن هنن انگلينڊ خلاف ڪيو هو.” رچرڊز وڌيڪ چيو: “ارجنٽينا کي انگلينڊ خلاف ميچ جيان قائم رهڻو پوندو ۽ جڏهن راند جو رخ بدلجندي نظر اچي، تڏهن پورو حملو ڪرڻو پوندو.” ٻئي طرف انگلينڊ جي هڪ ٻي وڏي شخصيت گيري لينيڪر پنهنجي ٽورنامينٽ کان اڳ واري اڳڪٿي تي قائم رهيو ۽ اسپين کي فيورٽ قرار ڏنو، پر ساڳئي وقت هن چيو ته ارجنٽينا انتهائي سخت جان ٽيم آهي، جنهن سبب اڳڪٿي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هن چيو: “توهان ان ننڍڙي جادوگر (ميسي) خلاف ڪڏهن به آساني سان اڳڪٿي نٿا ڪري سگهو. هو ايترو عظيم رانديگر آهي جو ميچ انتهائي ويجهو رهندي. حقيقت ۾ اها پنجاهه-پنجاهه واري مقابلي جهڙي آهي.” ٻين جي ابتڙ نيويارڪ شهر جي ميئر ظهران ممداني ڪنهن به ٽيم جي حمايت ڪرڻ کان پاسو ڪيو. هن کلندي چيو: “جنهن ٽيم جي به مون حمايت ڪئي آهي، اها هارائي وئي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن مان ڪنهن هڪ جو نالو وٺندس ته شايد اها ئي ٽيم هارائي وڃي

تبصرے بند ہیں۔