اسلام آباد: پاڪستان ۽ چين سي پيڪ 2.0، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ وڌيڪ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار شنگهائي ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي ۽ خطي سميت عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو. پرڏيهي دفتر موجب، پاڪستان ۽ چين سي پيڪ 2.0، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ وڌيڪ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين ڊيجيٽل معيشت ۽ مصنوعي ذهانت (AI) ۾ سهڪار وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڌيڪ هي ته پاڪستان “ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن” جي قيام واري معاهدي تي پڻ صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
تبصرے بند ہیں۔