اسان جي 9 هزار سائيٽن تي چوري جون وارداتون ٿيون آهن، پي ٽي اي

اسلام آباد:  پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جي 9 هزار سائيٽن تي چوري جون وارداتون ٿيون آهن. چيئرمين پي ٽي اي موجب، حڪومت اسان کي شهرين کي پئسا واپس ڪرڻ جو چوي ٿي ته جيڪڏهن شهري پيڪيج ڪرايو ۽ سروس بند هجڻ ڪري استعمال نه ٿيو ته اسان کي پئسا واپس ڪرڻ جو چيو وڃي ٿو. پي ٽي اي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان جي 9 هزار سائيٽن تي چوري جون وارداتون ٿيون آهن، سروس جي خراب ڪوالٽي تي پي ٽي اي 4 ارب روپين جا ڏنڊ (جرمانا) ڪيا آهن، پر موبائل تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ پي ٽي اي جو ڪو ڪردار ناهي، موبائل تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ايف بي آر جو اختيار آهي.

تبصرے بند ہیں۔