اسلام آباد : سينٽرل پاور پرچيزنگ ايسوسيئيشن (سي پي پي اي) بجلي 1 روپيو 20 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آهي.اها درخواست جون جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ داخل ڪرائي وئي آهي.نيپرا موجب هن درخواست تي 29 جولاءِ تي ٻڌڻي ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواست جي منظوري سان واهپيدارن تي 18 ارب روپين کان وڌيڪ جو اضافي بوجھ پوندو.درخواست سان لاڳاپيل فيصلي جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي واهپيدارن تي ٿيندو.
تبصرے بند ہیں۔