ايران /تهران :آمريڪي فوج ايران خلاف حملن جي ٻي لهر شروع ڪري ڏني آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، اهي حملا ايراني فوجي صلاحيتن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جن کي آبنائي هرمز مان آزاديءَ سان گذرندڙ بحري جهازن لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو هو. سينٽڪام چيو ته آبنائي هرمز عالمي واپار لاءِ هڪ انتهائي اهم بين الاقوامي آبي گذرگاهه آهي. ايران جي مهر نيوز ايجنسي موجب، ايران جي شهر چابهار ۾ 3 ڌماڪن جا اطلاع مليا آهن. ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن اردن جي الازرق ايئر بيس ۾ آمريڪي فوج جي مواصلاتي نظام ۽ هڪ مستقل ريڊار سائيٽ کي ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو آهي.
سول انفرااسٽرڪچر تي حملا ٿيا ته خطي جي ڍانچي کي چٿي ڇڏينداسين، ايران
ايران جي فوج خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي ڌمڪي تي عمل ڪندي ايران جي شهري انفرااسٽرڪچر تي حملو ڪيو ته “خطي جو سمورو بنيادي ڍانچو فولادي حملن هيٺ چٿجي ويندو.” آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته هن ايران تي حملن جو هڪ ٻيو سلسلو شروع ڪيو آهي، جڏهن ته ايراني ميڊيا موجب قشم ٻيٽ، بندر عباس ۽ چابهار ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.
خليجي ملڪن ۾ امڪاني جنگ لاءِ تياريون تيز
هن غيريقيني صورتحال ۾ ڪيترائي خليجي ملڪ هر ممڪنه صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجون تياريون تيز ڪري رهيا آهن، جنهن سبب هوائي دفاعي نظام وڌيڪ مضبوط ڪيا پيا وڃن. انهن ملڪن فوجي تياريون به وڌائي ڇڏيون آهن ۽ اهم تنصيبات، جن ۾ تيل ۽ گيس جون سهولتون، هوائي اڏا ۽ سامونڊي پاڻي کي مٺو بڻائڻ وارا پلانٽ شامل آهن، انهن جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي. بحرين دعويٰ ڪئي ته هن ايران مان ايندڙ وڏي انگ ۾ ڊرون ۽ ميزائل روڪي تباهه ڪيا، جڏهن ته علائقي جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن به اهڙيون ئي دعوائون ڪيون آهن. تنهن هوندي به ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪو به هوائي دفاعي نظام گهڻي عرصي تائين مسلسل حملن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري خدشو برقرار آهي ته جيڪڏهن جنگ وڌيڪ پکڙجي وئي ته اهم بنيادي ڍانچو سخت متاثر ٿيندو.
تبصرے بند ہیں۔