آمريڪا جا ايراني بندرگاهن تي حملا، ايران پاران آمريڪي اڏن تي ميزائيل فائر

تهران /واشنگٽن : آمريڪا ايران تي وڌيڪ حملا شروع ڪري ڏنا. ​آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي فوج ايران خلاف وڌيڪ فضائي حملن جي شروعات ڪري ڏني آهي. ​سينٽڪام سوشل ميڊيا پليٽ فارم اڪس (ٽويٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اڄ آمريڪي فوجن ايران تي حملن جو هڪ اضافي مرحلو شروع ڪيو. ​بيان موجب انهن حملن جو مقصد آبنائي هرمز ۾ تجارتي بحري جهازن تي حملن لاءِ استعمال ٿيندڙ ايران جي عسڪري صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.​سينٽڪام وڌيڪ چيو ته هي حملا اهڙي وقت ڪيا پيا وڃن جڏهن آمريڪي فوجون ايراني بندرگاهن ۽ ساحلي علائقن خلاف بحري ناڪابندي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيون آهن. ​بيان موجب هي بحري ناڪابندي آمريڪي وقت موجب شام 4 وڳي کان لاڳو ڪئي ويندي.هوڏانهن ايراني پاسداران انقلاب فورس اعلان ڪيو آهي ته بحرين ۽ ڪويت ۾ دشمن جي هٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو آهي. ​ايراني پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته جيستائين جارح آمريڪا موجود رهندو، تيل ۽ گيس خطي مان ٻاهر نه ويندو، آمريڪا جي جارحاڻن قدمن جو هرمز کلڻ ۾ دير کان سواءِ ٻيو ڪو نتيجو ناهي. ​ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته ڪويت جي علي سالم ايئر بيس ۾ ڊرون لانچنگ پيڊ کي نشانو بڻايو ويو، ڪويت ۾ حملا ايران تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا

ڪويت ۾ سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر، ريڊارز ۽ ميزائيل لانچ پليٽ فارمز کي نشانو بڻايو: پاسداران انقلاب

ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آمريڪي حملن جي جواب ۾ “آپريشن نصر 2” تحت ڪويت ۾ آمريڪي فوجي هدفن کي ميزائيل ۽ ڊرون حملن سان نشانو بڻايو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن دوران سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر، ميزائيل ۽ فضائي دفاعي ريڊار سسٽمز، پيٽرياٽ ائير ڊيفينس ڪمپليڪس ۽ مارس ميزائيل لانچ پليٽ فارمز کي نشانو بڻايو ويو. پاسداران پنهنجي بيان ۾ چيو ته انهن تنصيبات کي تباهه ۽ مڪمل طور تي ناڪاره بڻايو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔