يورپ ۾ سخت گرمي جي لهر 10 هزار ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

لاهور:  يورپ ۾ سخت گرمي جي لهر هزارين ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، اختيارين موجب صرف جون جي مهيني ۾ گرمي سبب تقريبن 10 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته گرمي سبب فوت ٿي ويلن ۾ 9 هزار ماڻهن جون عمرون 65 سال يا انهي کان به وڌيڪ هيون، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سخت گرمي جو سڀني کان وڌيڪ اثر بزرگ شهرين تي پيو.

يورپي اختيارين موجب اهي انگ اکر 27 يورپي ملڪن مان جمع ڪيا ويا آهن، صرف انگلينڊ ۽ ويلز ۾ گرمي سبب تقريبن 2 هزار 700 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته فرانس ۽ اسپين ۾ به گڏيل طور تي 2 هزار کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.

ماهرين جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين سبب يورپ ۾ گرمي جي شدت مسلسل وڌي رهي آهي جنهن سبب بزرگ ماڻهو ۽ ٻين حساس طبقن کي صحت جي سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٻئي طرف پروٽيڪشن سول ڪاتالونيا ۾ گرمي جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪيو ويو، گرمي جي لهر گهٽ ۾ گهٽ اربع تائين جاري رهندي انهي سان گڏ فضا ۾ گردوغبار به شامل ٿيندو. گرمي جو اثر سڀني کان پهريان لييدا جي پيرينر وارن علائقن تي پوندو، جنهن جي شدت اربع  15 جولاءِ تي پنهنجي عروج تي پهچندي.

سومر ۽ اڱاري جي دوران سڀني کان وڌيڪ اثر پونينت جي علائقن ۾ ٿيندو، جڏهن ته سامونڊي ۽ ڏکڻ پري لٽورل علائقن ۾ راتيون خاص طور تي گرم رهڻ جو امڪان آهي، جهنگ ۾ لڳندڙ باهين جي خطرن کي نظر ۾ رکندي بريگيڊ پنهنجي نفري، اسٽيشنز، ڪنٽرول رومز متحرڪ آهن شهرين کي ٿڌين جڳهين تي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔