ڪراچي جي روڊن تي صرف ميٽر وارا رڪشا هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي:  ڪراچي ٽريفڪ پوليس شهر ۾ صرف ميٽر وارا رڪشا هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي بنا ميٽر وارن رڪشن تي پابندي لڳائي ويندي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه جو چوڻ هو ته جلد ڪراچي ۾ هر قسم جي رڪشي تي پابندي لڳائي ويندي صرف اهي ئي رڪشا روڊ تي هلي سگهندا  جنهن ۾ ميٽر لڳل هوندو.

پير محمد شاهه چيو ته اسان جلد رڪشن ۾ ميٽر لڳائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪنداسين، جڏهن ميٽر لڳي ويندو تڏهن رڪشي جي  لينڊ مينجمينٽ ڪنداسين، رڪشن جي لاءِ پارڪنگ جي جڳهه ٺاهينداسين يا هڪ لائين ٺاهينداسين. هن چيو ته رڪشن جي لاءِ جيڪا لائن رکي ويندي اهو ئي سواري کي ويهاريندو ۽ مسافر ميٽر جي حساب سان ئي ڀاڙو ادا ڪندا. انهي عمل سان رڪشه ڊرائيور ۽ مسافرن جي وچ ۾ ڀاڙي بابت ڪوبه بحث نه ٿيندو.

پير محمد شاهه چيو ته ڪراچي ۾ اڳ به رڪشا ائين ئي هلندا هئا انهي لاءِ اهو ڪو نئون ڪم نه آهي ڇو ته ڪافي وقت کان اهو ڪم نه ٿيو انهي لاءِ ڪجهه وقت گهرجي، هلندڙ يا ايندڙ مهيني تاريخ جو اعلان ڪنداسين، رڪشن وارن وٽ ٻن مهينن جو وقت هوندو.

ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي جو چوڻ هو ته شهر ۾ چنگچي رڪشائن کي مين روڊن تان هٽائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪراچي ٽريفڪ مينجمينٽ ڪمپني قائم ڪئي پئي وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔