عالمي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 37 ڪروڙ 59 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  عالمي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 37 ڪروڙ 59 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منصوبي سان بجلي جي بندش ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي.

تفصيل موجب عالمي بينڪ عالمي 10 ورهين جي توانائي پروگرام جي پهرين مرحلي لاءِ فنڊ فراهم ڪندي، مالي مدد بجلي جي ورهاست جو نظام بهتر بنائڻ تي خرچ ڪيو ويندو. رقم سان قومي پاور گرڊ کي جديد بنائڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو.

منصوبي سان بجلي جي بندش ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. عالمي بينڪ موجب ونڊ پاور جي وڌيڪ 640 ميگاواٽ بجلي  قومي گرڊ ۾ شامل ٿيندي. منصوبو قابل تجديد توانائي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. جديد ٽرانسميشن نظام سان بجلي جي لاڳت گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، منصوبو گهريلو، صنعتي، واپاري صارفين کي بهتر بجلي فراهمي ۾ مددگار ٿيندو.

پڌرائي موجب پروگرام جي تحت پاڪستان ۾ بجلي جي نظام کي موسمياتي تبديلين موجب وڌيڪ محفوظ بنايو ويندو. منصوبي سان هر سال تقريبن 8 لک 32 هزار ٽن ڪاربن اخراج ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. منصوبو حڪومت جي پاور سيڪٽر اصلاحات کي به هٿي ڏيندو.

عالمي بينڪ موجب منصوبي سان بجلي جي ورهاست بهتر ۽ نظام وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جو حصو وڌائڻ جي ڪوششن کي به مدد ملندي.

تبصرے بند ہیں۔