ميڪسيڪوسٽي: فيفا ورلڊ 2026 ۾ ميڪسيڪو ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ کيڏيل رائونڊ آف 16 جي دلچسپ مقابلي آمريڪا جي ٽي وي تاريخ جوسڀني کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ فٽبال ميچ بڻجي ويو.
شروعاتي انگن اکرن موجب انهي ميچ کي آمريڪا ۾ گڏيل طور تي 4 ڪروڙ 48 لک ماڻهن ڏٺو جنهن سان گڏ انهي آمريڪا ۽ بيلجيم جي ميچ جو اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جنهن کي تقريبن 4 ڪروڙ 20 لک ماڻهن ڏٺو هو.
رپورٽ موجب ميچ کي ٽيليمونڊو تي 2 ڪروڙ 32 لک جڏهن ته فاڪس تي 2 ڪروڙ 17 لک 42 هزار ماڻهن ڏٺو. فاڪس تي نشر ٿيندڙ اهو مقابلو آمريڪي ٽيم کان سواءِ انگريزي زبان ۾ ڏيکاريو ويندڙ سڀني کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ ورلڊ ڪيپ به قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ميچ جي آخري لمحن ۾ فاڪس جي ويور شپ وڌي 2 ڪروڙ 57 لک تائين پهچي وئي.
ميڪسيڪو سٽي جي ازٽيڪا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل انهي هاءِ وولٽيج مقابلي ۾ انگلينڊ 10 رانديگرن سان برتري کي برقرار رکندي ڪاميابي حاصل ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهي انگ اکر شروعاتي آهن، نيلسن جي حتمي ريٽنگز جاري ٿيڻ کان پوءِ ويور شپ ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان به موجود آهي.
تبصرے بند ہیں۔