ڪراچي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، بي ايل اي جا 2 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي:ڪراچي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام  ٿي ويو، جڏهن ته ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ ڪارروائي ۾ 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

سي ٽي ڊي اختيارين چيو ته گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل بي ايل اي سان آهي، گرفتار دهشتگردن ۾ مجاهد بلوچ ۽ فريد بلوچ عرف ذاڪرين شامل آهن. جوابدارن بي ايل اي جي ڪيمپس مان تربيت يافته آهن. جوابدارن کي ريڪي ۽ ڪميونيڪيشن جي ٽريننگ حاصل ڪيل آهي.

گرفتار جوابدارن دهشتگرد تنظيم جي ڪمانڊر ساجد بلوچ ۽ بشير زيب جي دهايت تي ڪراچي ۾ ترسيل هئا، جوابدار حساس ٺڪاڻن جي ڄاڻ پنهنجي  تنظيم کي فراهم ڪندا هئا.

گرفتار جوابدار حساس ٺڪاڻن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف دهشتگردي جو نيٽ ورڪ ٺاهڻ جي لاءِ به سرگرم هئا، جوابدارن کان 4  ڪلو گرام بارودي مواد ڊيٽونيٽر، پرائما ڪارڊ، بال بيرنگ هٿ ڪيو ويو.

جوابدارن جي خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾  ڪيس داخل ڪيو ويو. جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. سي ٽي ڊي ۽ حساس اداري وڌيڪ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن جيڪي جوابدارن کان جاچ کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آڻيندا.

 

تبصرے بند ہیں۔