لاهور: پنجاب ۾ رڪارڊ رفتار، اعليٰ معيار ۽ تاريخي بچت سان گڏ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن، جنهن جي تحت صرف 75 ڏينهن ۾ 1129 روڊ مڪمل ڪري قومي سطح تي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي.
وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ مواصلات کاتي، تعميرات جي ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ روڊ سيڪٽر پوٽ فوليو، فنڊز جي استعمال ۽ جاري منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوهني پنڊ، سوهنيان راهوان پروگرام جي تحت صرف 75 ڏينهن ۾ 30 ارب روپين جي لاڳت سان 1129 روڊ ۽ 1795 ڪلو ميٽر ڊگهو روڊ نيٽ ورڪ مڪمل ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعليٰ جي دور ۾ گڏيل طور تي 32 هزار روڊ مڪمل ڪيا ويا آهن.
بريفنگ موجب هلندڙ سال اپريل کان جولاءِ جي دوران سموري پنجاب ۾ 6 هزار ڪلو ميٽر روڊن جو ڄار وڇايو ويو. لوڪل روڊز پروگرام جي تحت 79 ارب روپين جي لاڳت سان 1567 اسڪيمون ۽ 34400 ڪلو ميٽر ڊگها روڊ شامل آهن جن مان رڪارڊ 1129 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ترقياتي فنڊز جي 99 سيڪڙو استعمال کي يقيني بنايو ويو، جڏهن ته روڊ بحالي جي منصوبن ۾ 11 ارب روپين جي تاريخي بچت به ڪئي وئي. فيلڊ اسٽاف ڏينهن رات ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪري منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 93.5 ڪلو ميٽر ڊگهي ملتان وهاڙي ڊوئل روڊ، 24 ڪلو ميٽر فيصل آباد چنيوٽ ڊوئل روڊ ۽ 13 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽورازم هاءِ وي ڊوئل روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ٻوڏ سبب متاثر سمورن 124 روڊن جي بحالي به مڪمل ڪئي وئي آهي.
وزيراعليٰ پنجاب رنگ روڊ اٿارٽي جي تحت 6 جديد سروس ايرياز قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني، جنهن سان ساليانو 50 ڪروڙ جي آمدني جو امڪان آهي. هن هدايت ڪئي ته سمورن سروس ايرياز هلندڙ سال ڊسمبر تائين فعال ڪيا ويندا ۽ رنگ روڊ کي عالمي معيار موجب ترقي ڏني وڃي.
اجلاس ۾ آئنده مالي سال جي پروگرام جي تحت 42 نون روڊن جون اسڪيمون شامل ڪرڻ، نون روڊن جي تعمير لاءِ 51 ارب روپيه ۽ لوڪل روڊز سميت مختلف منصوبن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز جي منظوري به ڏني وئي. وزيراعليٰ مريم نوازشريف هدايت ڪئي ته سموري پنجاب ۾ تعمير هيٺ سمورن روڊن جي تڪميل لاءِ حتمي ٽائم لائن پيش ڪئي وڃي، روڊن تي لائن مارڪنگ کي يقيني بنايو وڃي ۽ سمورن انٽري، ايگزٽ پوائنٽس جي خوبصورتي جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔