تهران: ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي خلاف ڌمڪين ۽ دٻاءُ جو سلسلو جاري رهيو ته آمريڪا سان حتمي معاهدي تي ڳالهين جي شروعات ممڪن نه ٿيندي.
عباس عراقچي پنهنجي تازي بيان ۾ چيو ته مفاهمتي يادداشت جي شق نمبر 13 انهي حوالي سان بالڪل واضح آهي. عراقچي موجب جيڪڏهن ڪنهن به ڌر طرفان ڌمڪي وارو رويو برقرار رهيو ته حتمي معاهدي جي لاءِ باضابطه ڳالهيون شروع نٿيون ٿي سگهن.
هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏيندي چيوته اهي پنهنجي صحيحن ۽ ڪيل واعدن جي پاسداري ڪن ۽ معاهدي ۾ شامل شرطن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بنائين.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايراني عوام ۽ نه ئي ايران جي بهادر هٿياربند فوج ڪنهن به قسم جي ڌمڪي، دٻاءُ يا خوف کان پوئتي نه هٽندي. هن چيو ته ايران پنهنجي قومي مفادن، خودمختاري ۽ سلامتي جي تحفظ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندو.
عباس عراقچي شهيد سپريم ليڊر علي خامنائي جي آخري رسمن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته لکين ايراني شهري اتحاد ۽ يڪجهتي سان جمع ٿيا ته جيئن اهي پنهنجي اڳواڻ ۽ انهي جي ورثي کي خراج عقيدت پيش ڪري سگهن. عوام جي وڏي تعداد ۾ شرڪت انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته ايراني قوم پنهنجي قومي اصولن تي متحد آهي.
سياسي مبصرين موجب عباس عراقچي جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مستقبل جي معاهدي ۽ خطي جي سلامتي بابت سفارتي رابطا جاري آهن پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جي بحالي هن وقت به هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهي.
تبصرے بند ہیں۔