فٽبال ورلڊ ڪپ: ميڪسيڪو کي شڪست ڏئي انگلينڊ جي ٽيم ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي

ميڪسيڪوسٽي:  انگلينڊ فيفا ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ ميزبان ميڪسيڪو کي 2 جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

انگلينڊ جي ٽيم ميڪسيڪو کي شڪست ڏئي فٽبال ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي، ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ جو مقابلو ناروي سان ٿيندو.

ميچ ۾ انگلينڊ  طرفان بيلهنگم 2 جڏهن ته ڪپتان هيري ڪين هڪ گول ڪيو، ميڪسيڪو جي ٽيم طرفان گول ڪوئي نينس هڪ ۽ جمينينس هڪ گول ڪيو.

ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ٻئي هاف جي 54هين منٽ کان 10 رانديگرن سان کيڏي، ريفري انگلينڊ جي رانديگر جيرل ڪوانساهه کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان کان ٻاهر اماڻي ڇڏيو.

اڄ کيڏيل پهرين پري ڪوارٽر فائنل ۾ ناروي  5 ڀيرا چيمپين رهندڙ برازيل کي ٻه هڪ تان شڪست ڏئي فٽبال ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

 

تبصرے بند ہیں۔