بيجنگ: چين ۾ هڪ ناني پنهنجي پوٽي جي مهانگي علاج جو خرچ کڻڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا تي بيوٽي انفلوئنسر بڻجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اوڀر چين جي صوبي جيانگسو سان تعلق رکندڙ 75 ورهين جو زو يونچانگ پنهنجي پوٽي جي علاج جو خرچ کڻڻ لاءِ انوکو انداز اپنائي ڇڏيو آهي.
زويونچانگ جو پوٽو ڪرنگهي جي هڏي جي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن سبب هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي. زويونچانگ سڄو ڏينهن پنهنجي پوٽي جي سار سنڀال ڪندو آهي جڏهن ته رات جو بيوٽي انفلوئنسر جي طور تي لائيو اسٽريمنگ ڪندو آهي جنهن ۾ انهي جي گهر واري به سندس ساٿ ڏيندي آهي.
زويونچانگ اهو ڪم پنهنجي پوٽي جي علاج لاءِ گهربل انجيڪشن جي مد ۾ رقم جمع ڪرڻ جي خاطر ڪري رهيو آهي جنهن تي ساليانو تقريبن 14 لک يوآن(2 لک 6 هزار آمريڪي ڊالر) جو خرچ ايندو آهي.
زويونچانگ جي ڏوهٽي کي سال ۾ 2 ڀيرا انجيڪشن لڳندا آهن جنهن لاءِ هن پنهنجو ذاتي فليٽ به وڪرو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته علاج جي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي لاءِ ويجهن مائٽن کان پئسا به اوڌر تي ورتا آهن.
انهي حوالي سان زويونچانگ ٻڌايو ته زووي منهنجو اڪلوتو پٽ آهي جڏهن انهي کي پنهنجي پٽ جي بيماري جي حوالي سان خبر پئي ته هو سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويو هو، پنهنجي پٽ جي ذهني صحت کي ڏسي مون پئسا جمع ڪرڻ لاءِ انفلوئنسر بنجڻ جو فيصلو ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔