ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال جي دوران ترقياتي فنڊز جي فراهمي مالياتي گنجائش سان مشروط ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال جي دوران ترقياتي فنڊز جي فراهمي مالياتي گنجائش سان مشروط ڪري ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزارت ترقياتي بجيٽ جا فنڊز جاري ڪرڻ جي حڪمت عملي جاري ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن موجب پي ايس ڊي پي جي تحت ترقياتي فنڊز 4 مهينن جي قسطن ۾ جاري ٿيندا. مالي سال جي پهرين مهيني ۾ 15، ٻئي ۾ 20 سيڪڙو فنڊز جاري ٿيندا، ٽئين مهيني ۾ 25 ۽ چوٿين مهيني ۾ 40 سيڪڙو فنڊز جاري ڪيا ويندا.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نئون مالي سال ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ هزار ارب روپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. منصوبه بندي ڊويزن منظور ٿيل منصوبن جي لاءِ فنڊز جاري ڪندو. فنڊز جي ورهاست، منظور ٿيل بجيٽ جي حد جي اندر ئي ڪئي ويندي. پرڏيهي ادائيگين جي لاءِ ناڻي واري وزارت کان اڳواٽ منظوري لازمي هوندي. منظور ٿيل حد کان وڌيڪ ادائيگي ناڻي واري وزارت جي اجازت کان سواءِ نه ٿي سگهندي، هر منصوبي جي لاءِ ڌار اسائنمنٽ اڪائونٽ کوليو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔