تهران/رياض/نيويارڪ/قاهرا : اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر، شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي جي موقعي تي دنيا جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن تعزيتي پيغام موڪليا آهن.
سعودي پريس ايجنسي موجب، سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان ايران جي صدر مسعود پزشڪيان ڏانهن تعزيتي پيغام موڪليو آهي.
ان کانسواءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ايراني حڪومت ۽ عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو.
شهيد آيت الله علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ مصر، سعودي عرب، لبنان، عمان ۽ ٻين ملڪن جا وفد پڻ شريڪ ٿيا.
مصر جو وفد سينيٽ جي اسپيڪر عصام الدين احمد محمد فريد جي سربراهيءَ ۾ شريڪ ٿيو، جڏهن ته سعودي وفد جي سربراهي نائب پرڏيهي وزير وليد بن عبدالڪريم الخريجي ڪئي.
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ان کانسواءِ عراقي صدر نذر اميدي، جارجيا جو صدر ميخائل ڪاويلاشويلي، تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان، ترڪي جو نائب صدر جودت يلماز، لبنان جو بچاءُ وارو وزير مائيڪل منصور، افغانستان جو پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي نمائندي طور اڳوڻو صدر دمتري ميدويديوف پڻ آخري رسمن ۾ موجود هئا.
عمان جو وفد رياستي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالمالڪ بن عبدالله الخليلي جي سربراهيءَ ۾، جڏهن ته قطري وفد شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين حسن بن عبدالله الغنيم جي سربراهيءَ ۾ تهران پهتو.
ان کانسواءِ اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر جي آخري رسمن ۾ لبناني حزب الله جو هڪ وفد پڻ شريڪ هو، جنهن جي سربراهي محمود قماطي ڪري رهيو هو. هيڊنگز اٽريڪٽو ڌيان ڇڪائيندڙ دلچسپ هجي
تبصرے بند ہیں۔