اداڪار علي ڪاظمي پاران والد راحت ڪاظمي جون تصويرون شيئر

لاهور : پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪار علي ڪاظمي پنهنجي والد راحت ڪاظمي جي 82 هين سالگرهه تي يادگار تصويرون شيئر ڪري ماضيءَ جون يادون تازيون ڪري ڇڏيون.راحت ڪاظمي ۽ سندس خاندان گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪينيڊا ۾ رهائش پذير آهي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي نجي زندگيءَ کي ميڊيا جي نظرن کان پري رکندا آهن، تنهن هوندي به سندن صاحبزادي ۽ نامياري اداڪار علي ڪاظمي وقت به وقت پنهنجي والد سان گڏ يادگار لمحات مداحن سان شيئر ڪندو رهندو آهي. هن سال راحت ڪاظمي پنهنجي 82 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، ان موقعي تي علي ڪاظمي فيس بڪ تي والد سان گڏ خوبصورت تصويرون شيئر ڪندي کيس سالگرهه جي مبارڪباد ڏني آهي. هن لکيو آهي ته “سالگرهه مبارڪ هجي ابا، ان عظيم انسان کي جنهن مون کي زندگيءَ جي هر اهم ڳالهه سيکاري، توهان سان هميشه محبت رهندي. ان سان گڏ ئي هن مشهور رائٽر شڪسپيئر جي نامياري ناٽڪ (ڊرامي) “همليٽ” جون مشهور ترين سٽون به پنهنجي والد جي نالي ڪيون آهن، جنهن جو ترجمو ڪجهه هن ريت آهي ته “اي هوريشيو! آسمان ۽ زمين ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي شيون موجود آهن جن کي تنهنجو فلسفو سمجهي نٿو سگهي.”گذريل سال به علي ڪاظمي پنهنجي والد جي 81 هين سالگرهه جي موقعي تي سندس لاءِ محبت سان ڀريل پيغام شيئر ڪيو هو.

تبصرے بند ہیں۔