جنازي تي حملو ٿيو ته انتهائي سخت جواب ڏينداسين: ايران

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران اسان جون تقريبن سموريون ضروري شرطون مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. آمريڪي صدر اها دعويٰ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ٽرمپ چيو ته ايران ۾ مهانگائي 300 سيڪڙو آهي، تازو ئي ايران جو نئون ريڊار سسٽم ٻيهر اڏائي ڇڏيو، هاڻي ايران وٽ ڪو به ريڊار ناهي. آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ روڪي 3 ڪروڙ حياتيون بچايون، پاڪستاني وزيراعظم چيو ته مون جنگ روڪي 3 ڪروڙ ماڻهن کي بچايو، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ۾ 11 طيارا ڪيرايا ويا هئا. ان کان علاوه آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته ايلون مسڪ سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، مسڪ کي ٽريلينئر (لک ڪروڙ پتي) ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. مان واحد صدر آهيان جنهن پنهنجي پگهار ڇڏي، اها تمام وڏي رقم آهي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته سمجهڻ کان ٻاهر آهي ته ڪو ياهودي ڊيموڪريٽس کي ووٽ ڪيئن ٿو ڏئي سگهي، اسرائيل ۾ منهنجي مقبوليت 99 سيڪڙو تائين هئي.

جيڪڏهن اسرائيل يا آمريڪا جنازي تي حملو ڪيو ته جواب انتهائي سخت ڏينداسين: ايران
ايران جي خاتم الانبيا برگيڊ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل يا آمريڪا شهيد سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي جنازي دوران حملو ڪيو ته ايراني جواب انتهائي سخت هوندو. خاتم الانبيا برگيڊ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مخالف شهيد سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي جنازي دوران حملي کان اڳ ٻه ڀيرا سوچي وٺن. آيت الله علي خامنه اي جي نمازِ جنازه سڀاڻي تهران ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪيترن ئي سربراهن سميت 100 ملڪن جا وفد شريڪ ٿيندا. نمازِ جنازه کانپوءِ مڙهه تهران مان قم، پوءِ نجف ۽ ڪربلا نيو ويندو، جنهن کانپوءِ ميت واپس ايران آڻي آيت الله علي خامنه اي کي مشهد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. جنازي جي جلوس ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي.

فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو، آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ شريڪ ٿيندو
چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪندو.فيلڊ مارشل عاصم منير جو ايران پهچڻ تي سينيئر ايراني اختيارين پاران استقبال ڪيو ويو، چيف آف ڊيفنس فورسز سيد عاصم منير سڀاڻي آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف پڻ ڪابينا جي اهم ميمبرن سان گڏ ايران پهچي چڪو آهي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ خيبرپختونخوا جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ شهيد ايراني سپريم ليڊر جي جنازي ۾ شرڪت ڪندا.

تبصرے بند ہیں۔