ممبئي : هندي ۽ پنجابي فلمن جي اداڪار ۽ ڳائڻي دلجيت دوسانجھ پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي جاکوڙ (جدوجهد) جي ڏينهن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هڪ وقت هو جڏهن مان سالگرهه جي تقريبن ۽ شادين ۾ پرفارم ڪندو هئس، ٿورڙي رقم تي به تيار ٿي ويندو هئس، مون ڪڏهن ڪنهن کي انڪار نه ڪيو. هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران انٽرويو ڏيندي ڀارتي پنجاب جي شهر جالندھر ۾ پيدا ٿيندڙ 42 سالا دلجيت دوسانجھ چيو ته سندس خاندان جي مالي مشڪلاتن کيس انتھڪ محنت ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن چيو ته ”منهنجو تعلق هڪ اوسط (وچولي دنيٰ) کان به گهٽ آمدني وارو خاندان سان هو، حالت اها هئي ته بيمار ٿي پوندا هئاسين ته ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ لاءِ به پئسا نه هوندا هئا.“ دلجيت جو چوڻ هو ته هو هميشه امير ۽ مشهور ٿيڻ جا خواب ڏسندو هو. سندس موجب، سندس پهريون البم ”عشق دا اڏا اڏا“ سال 2002 ۾ رليز ٿيو. جنهن کانپوءِ ڪجهه ماڻهو منهنجي ڪمپنيءَ ۾ آيا ۽ چوڻ لڳا ته اسان توهان کي سالگرهه جي تقريب لاءِ بڪ ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ”جڏهن انهن مون کي پئسا ڏنا ته مون سوچيو ته اهوئي منهنجو رستو آهي. مون ڪنهن کي به انڪار نه ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن 5 هزار، 10 هزار يا 15 هزار روپين جي آڇ ڪئي، ته مون ترت ها ڪري ڇڏي. مون ڪڏهن ڪنهن کي منع نه ڪئي. مان ڏينهن رات هر هنڌ پرفارم ڪرڻ ويندو رهيس.“ دلجيت دوسانجھ وڌيڪ ٻڌايو ته لائيو پرفارمنسز جلد ئي سندس آمدنيءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻجي وئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ تمام گهڻو پئسو آهي، پر پنجابي ميوزڪ انڊسٽريءَ جا ڪجهه سينيئر فنڪار شادين ۾ پرفارم ڪرڻ کي سٺي نظر سان نه ڏسندا هئا ۽ کين اهو پسند نه هو ته مان تمام گهڻا شوز ڪريان.
تبصرے بند ہیں۔