ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت لاڙي (رجحان) سبب هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 85 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو. ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ اڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جتي 1500 کان وڌيڪ پوائنٽس جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انڊيڪس هڪ لک 85 هزار 665 پوائنٽس جي مٿانهين سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ اڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 3 هزار 748 پوائنٽس جي نمايان واڌ کانپوءِ هڪ لک 84 هزار 50 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.
تبصرے بند ہیں۔