اسلام آباد: ايران جي مجلس شوراءِ اسلامي جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.
محمد باقر قاليباف، اياز صادق جي نالي خط لکي کيس ايران ۾ ٿيندڙ آيت الله علي خامنه اي جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي تعزيتي تقريب 3 جولاءِ 2026ع تي تهران ۾ ڪوٺائي ويندي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ايراني اسپيڪر پاڪستان جي عوام، اسپيڪر اياز صادق ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۽ ڀائيوار لاڳاپن کي به ساراهيو.
پڌرائي موجب محمد باقر قاليباف، آيت الله علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عزت، وقار ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔