مالي سال 26-2025 ۾ 13 هزار 601 ارب رپيا ٽيڪس جمع

اسلام آباد: : فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) مالي سال 2025-26 جي دوران مجموعي طور تي 13 هزار 601 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو، جڏهن ته ان ئي عرصي دوران 597 ارب رپين جا ريفنڊز (رقم جي واپسي) پڻ ادا ڪيا ويا.ايف بي آر جي چيئرمين دنيا نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اداري مالي سال لاءِ مقرر ڪيل 12 هزار 983 ارب رپين جو ٽيڪس هدف حاصل ڪري ورتو آهي.دستاويزن موجب، جولاءِ 2025 کان جون 2026 تائين انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 6 هزار 645 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 4 هزار 731 ارب رپيا، ايف اي ڊي (فيڊرل ائڪسائيز ڊيوٽي) جي مد ۾ 840 ارب رپيا جڏهن ته ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ هڪ هزار 385 ارب رپيا وصول ڪيا ويا.انگ اکرن موجب، مالي سال 2024-25 ۾ ايف بي آر 12 هزار 237 ارب رپين جو ٽيڪس گڏ ڪيو هو، جڏهن ته ان سال 493 ارب رپين جا ريفنڊز ادا ڪيا ويا هئا. ريفنڊز جي ادائيگي کانپوءِ مالي سال 2024-25 ۾ خالص ٽيڪس آمدني 11 هزار 745 ارب رپيا رهي هئي.دستاويزن موجب، نئين مالي سال 2026-27 جي دوران ايف بي آر کي 14 هزار 264 ارب رپيا ٽيڪس وصوليءَ جو هدف حاصل ڪرڻو پوندو.

تبصرے بند ہیں۔